نئون دمبالو (ن پ ا) بدين جي سيشن ڪورٽ مان ضمانت ٿيڻ باوجود ٽنڊو محمد خان پوليس ٽنڊو غلام علي جي سينئر صحافي معشوق ڪورائي جي مامي بخش علي عرف بخشو ڪورائي کي سينٽرل جيل بدين مان آزاد ٿيندي ئي کنڀي کڻي وئي، وارثن جو احتجاج. تفصيل موجب ٽنڊو غلام علي جي سينئر صحافي معشوق ڪورائي جي مامي بخش علي ڪورائيءَ جي وارثن گذريل ڏينهن هتي صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته 7 اپريل تي بدين پوليس مبينا ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي بخش علي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو. ٻن ڏينھن بعد سندس گرفتاري ظاهر ڪري مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. اڄ سيشن ڪورٽ بدين مان ضمانت ملڻ کانپوءِ جڏھن بخش علي ڪورائي ڊسٽرڪٽ جيل بدين مان ٻاھر نڪتو ته کيس ٽنڊو محمد خان پوليس بنا ڪنھن جواز جي کنڀي وئي آھي. ھنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي کنڀيل ڳوٺاڻي جي بازيابي عمل ۾ آندي وڃي.