ٽنڊوغلام حيدر (رپورٽ: نظام الدين چانڊيو) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان لغاري واهه اسٽاپ ويجهو ڳوٺ صوف مگسيءَ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي نوجوان سئوٽ 27 سالن جي ولي محمد مگسي ٿڏي تي قتل ۽ سندس پيءُ قاسم مگسي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع تي ٽنڊوغلام حيدر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتيءَ جو لاش ۽ زخمي کي ٽنڊو غلام حيدر اسپتال منتقل ڪيو. بعد ۾ زخمي کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. ٻئي طرف مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي کان پو وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جي وارثن جو چوڻ آھي اسان جي سئوٽ گلزار مگسي گهريلو معاملي تان فائر ڪري سڳي سئوٽ کي قتل ڪري سندس پي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي، اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي. پوليس جو چوڻ آھي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو.