ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ بنگل زيندپور جي رهواسين آبادگارن حاڪم ٻٻر، سلطان ٻٻر، عزيزالله ڀٽي ۽ گل شير سهتو عوامي پريس ڪلب ٽنڊو غلام حيدر اڳيان ايريگيشن جي بيلدار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته ايريگيشن بليدار پرائيوٽ ماڻھن سان گڏجي اسان کي گارگند ڪري امام واهه شاخ ڀرسان اسان جي زمين تي بند پيل پاڻي واري مشين کڻي ويو آهي، هنن چيو ته پوليس دانهن ٻڌڻ بدران اسان تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪري ظلم ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪيس ختم ڪري بيلدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.