ٽنڊو الهيار ۾ لاڪ اپ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو

0
438

ٽنڊو الهيار (رپورٽر) ٽنڊو الهيار ۾ لاڪ اپ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، ايس ايس پي رُخسار کهاوڙ طرفان متاثرن سان ڪيل واعدي باوجود معاملي جي عدالتي جاچ شروع به نه ڪرائي وئي، پوليس طرفان مين پُڙي هٿ اچڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيل نوجوان بابر خانزاده جو لاش گذريل ڏينهن لاڪ اپ مان هٿ آيو هو، نوجوان جو لاش رات جو سوين آلين اکين سان دفنايو ويو، بابر خانزاده جي وارثن جو چوڻ آهي ته لاڪ اپ ۾ نوجوان کي ذهني ۽ جسماني تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، پوليس پاڻ کي بچائڻ لاءِ آپگهات جو ڊرامو ڪيو آهي، بابر مبينا طور آپگهات ڪري رهيو هو ته ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار ڪٿي هئا؟ نوجوان جي وارثن 5 اهلڪارن جي معطلي کي ناڪافي قرار ڏئي ڇڏيو.