ٽنڊوالهيار (رپورٽر) هن جديد دور ۾ڌڱاڻو بوزدار جو گورنمنٽ مڊل گرلس اسڪول مال جي واڙي ۾ تبديل سوين نياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن، جڏهن ته انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي، پيپلزپارٽي جي ايم پي اي رئيس امدادخان پتافي جي تڪ ۾تعليم کاتي جي نااهلي سبب اسڪول ۾ شاگردن بجاءِ چوپايو مال ٻڌل آهي، تعليم کاتو اگهور ننڊ ستل آهي، ڪنهن به چونڊيل نمائندي سار نه لڌي، ڪيتري وقت کان تعمير ٿيل اسڪول جي بلڊنگ به زبون حالي جو شڪار ٿي وئي، پر تعليم پرائڻ جي قابل نه ٿي سگهي آھي، ان ڏس ۾ڳوٺاڻن دانهيندي ٻڌايو ته ڪافي وقت کان نياڻين جي تعليم لاءِ مڊل اسڪول ته منظور ٿي ويو پر تعليم کاتي جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب اجڙي ويو، هنن چيو ته اسڪول ۾ شاگردن بدران چوپايو مال ٻڌڻ سبب  بهترين تعليم جي دعويٰ ڪندڙن جي منهن تي چماٽ آهي، هنن مطالبو ڪيو ته تعليم کاتي سميت اعليٰ ادارا نوٽيس وٺي اسڪول مان چوپايو مال ڪڍرائي تعليم جي قابل بڻايو وڃي.