ٽنڊو الهيار واسي وڪيل جو ٺيڪيدار پاران اربين روپيا اثاثا ٺاهڻ جي جاچ لاءِ خط

0
300

ٽنڊوالهيار(ن پ ا) ٽنڊو الهيار ڪراچي جي وڪيل امتياز ميرجت ڊي جي نيب، ايف آءِ اي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ چيئرمئن اينٽي ڪرپشن کي ٽنڊو الهيار جي نالي واري ٺيڪيدار پرويز سمون جي اثاثن جي انڪوائري لاءِ ليٽر موڪلي ڇڏيو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته پرويز سمون 2010 ۾ ٽي ايم اي جهنڊو مري ۾ ڪانٽريڪٽر هوندي ڪرپشن ڪري جيڪي اثاثا ٺاهيا انهن ۾ 650 ايڪڙ زرعي زمين، 30 ايڪڙ زمين احمد خان ڪولاچي جي نالي، 10 ايڪڙ زمين نصرپور ۾، 55 ايڪڙ زمين پارٽنر شپ ۾ پنهنجي عزيز سان، 20 ايڪڙ تي ٺهيل فارم هائوس، هڪ ولا 200 گز جو بحريه ٽائون ۾، هڪ ولا اسپورٽس سٽي بحريه ٽائون ۾،10 پلاٽ ٽنڊو الهيار جي مختلف علائقن ۾، 50 ڪمرشل دڪان ٽنڊو الهيار شهر ۾، مختلف پيٽرول پمپس، مختلف 5 گاڏيون، ائين 10 فرضي ماڻهن جي نالي ڪانٽريڪٽر ڪمپنيون به آهن، ان حوالي سان هن ادارن کي جاچ ڪرڻ گهرجي جنهن لاءِ ليٽر موڪليو ويو آهي، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ٽنڊوالهيار جي نالي واري ٺيڪيدار پرويز سمون چيو ته مون کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن مون کي ادارن گهرايو ته منهن ڏيندس.