ٽنڊوآدم ( ن پ ا) ٽنڊي آدم لڳ ڳوٺ ميرحسن مري ۾ ڏياري جون خوشيون ملهائيندي مبينا طور ڦٽاڪن مان اوچتو باھ لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 کان وڌيڪ پورهيتن ڪرپال، تيرٿ، ماسٽر نڪتيو، رمو، انب ۽ هميرو ميگهواڙ جا ڪکاوان گهر مڪمل طور سڙي رک ٿي ويا گهر ۾ پيل سمورو سامان پڻ باھ جي نظر ٿي ويو متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن اطلاع ملڻ تي فائر بريگيڊ عملي ۽ ڳوٺاڻن باھ تي ڪنٽرول ڪري ورتو۔ ان ڏس ۾ متاثرن ٻڌايو ته اسان ڏياري جون خوشيون ملهائي رهيا هئاسين ته اوچتو اسان جي گهرن کي باھ لڳي وئي آهي گهر ۾ پيل سامان مڪمل طور باھ جي نظر ٿي ويو آهي هنن سنڌ سرڪار کان واهر جي گهر ڪئي آهي.