ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم جي سنڌي مين پرائمري اسڪول ۾ 2 ھزار کان وڌيڪ پڙهندڙ ٻارڙن جي لاءِ پيئڻ جي پاڻي جي سھولت اڻلڀ ھئڻ سبب ٻارڙا مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اھڙي صورتحال تي ڪاٽن جنريشن ايسوسيئيشن پاڪستان جي وائيس چيئرمين ھريش ڪمار ويڌاڻي پاران پنھنجي سرڳواسي ڪاڪا جھامن داس جي ياد۾ ٿڌي پاڻيءَ جي ڪولر جو تحفو ڏنو ويو، جنھن جو افتتاح اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز احمد جتوئي ۽ ھريش ڪمار ويڌاڻي ڪيو. ان موقعي تي اسڪول جي ھيڊ ماستر لکا ڏنو خاصخيلي، غلام رسول ٻجورو ۽ ٻين واٽر ڪولر ملڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو.