ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن کي پيئڻ جو پاڻي پهچائيندڙ جرڪس شاخ تي مقرر آبپاشي عملي جي نااهلي سبب شاخ گندگيءَ سان ڀرجي وئي، ڪڏهن لاش ته ڪڏهن مئل جانور جا ڍونڍ لڙهي اچڻ معمول بڻجي ويو ۽ گذريل ڏينهن مئل فارمي ڪڪڙين جا ڀريل ڪٽا لڙھندي نظر آيا. شاخ جي بيلدارن ۽ داروغن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، پرائيويٽ ملازم رکي پاڻ ذاتي ڪاروبار ڪرڻ لڳا. پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ پريشان علائقي واسين جو چوڻ هو ته ملڪاڻي شريف لڳ جرڪس شاخ جو پاڻي پيئڻ جي قابل نه رهيو آهي. اريگيشن عملي جي نااهلي سبب جرڪس شاخ ۾ مئل جانور ۽ لاش لڙھي اچڻ معمول بڻجي ويو آهي. بار بار احتجاجن ۽ شڪايتن باوجود آبپاشي عملدار معاملي جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن. هنن مطالبو ڪيو ته جرڪس شاخ جي نااهل عملي خلاف جلد نوٽيس وٺي علائقي واسين کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.