پيرولاشاري (ن پ ا) پيرولاشاري ويجھو يوسي ڪاڏي قاضيا جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول خان محمد نظاماڻي جي 1999 ۾ ٺھيل عمارت جي ٻن ڏهاڪن دوران هڪ ڀيرو به مرمت نه ٿي سگهي. اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪِرڻ روز جو معمول بڻجي ويو. خبر موجب يوسي ڪاڏي قاضيا جي ڳوٺ خان محمد نظاماڻيءَ جي پرائمري اسڪول عمارت جي 1999۾ تعمير ٿيڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو به مرمت نه ٿي سگھي آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن حاجي باقر نظاماڻي، عبداللطيف نظاماڻي، خدابخش نظاماڻي، طارق نظاماڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته 2011 جي برساتن بعد عمارت زبون ٿيڻ سبب ڇت جا چاپڙ ڪِرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آھي. جڏھن ته 22 سال گذرڻ باوجود اسڪول جي مرمت نه ٿي سگھي آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته مختلف ڳوٺن جا 50 کان مٿي ٻارڙا تعليم حاصل ڪرڻ ايندا آهن، جن جي زندگي داءُ تي لڳل آهي. هنن تعليم واري وزير، ڊي سي بدين ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو هو ته اسڪول بلڊنگ جي مرمت ڪرائي تدريسي عمل بحال ڪيو وڃي.