ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊي آدم شهر کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ بند ٻڌڻ تان پ پ سان واڳيل ڏيرا ۽ جوڻيجو ڌرين ۾ تڪرار تيز، هڪ ڌر مشينري گهرائي ته هٿياربندن ڊوڙائي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو، پاڻي شھر ۾ داخل ٿيڻ لڳو، هٿياربند موجود، پوليس طلب، رپورٽ موجب تازين برساتن کانپوءِ شاخن ۽ زمينن جو گڏ ٿيل پاڻي مبينا طور مختلف هنڌن تان رستن کي ڪٽ ڏيڻ سبب باءِ پاس تي پهچي اوورٽاپ ٿيڻ لڳو، شهر کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ فوڪل پرسن ۽ وڏي وزير جي خاص معاون پارس ڏيرو ۽ ايم پي اي فرازڏيرو ڳري مشينري گهرائي بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پ پ سان واڳيل جوڻيجو گروپ جي محمد خان جوڻيجو، غلام مرتضيٰ جوڻيجو ۽ ٻين بند ٻڌڻ واري ڪرين هلائيندڙ ڊرائيور کي ڌمڪائي ڀڄائي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو، جنهن بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، اطلاع تي سول جج ٽنڊو آدم فرحاز احمد ميمڻ،  ڊي سي سانگهڙ نثاراحمد ميمڻ، ايس ايس پي سانگهڙ ڊاڪٽر فرخ لنجار ۽ ٻيا پهچي ويا، جڏهن ته ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس اٽالا طلب ڪيا ويا، جڏهن ته واقعي بعد ٻنهي ڌرين جا هٿياربند موجود هئا، ان موقعي تي پارس ڏيرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صورتحال خراب آهي، پاڻي گهڻو آهي، هي پاڻي جيڪڏهن شهر پهتو ته تباهي ايندي، ٽنڊي آدم کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي، هن چيو ته بند ٻڌڻ لاءِ هلندڙ ڪم کي روڪرايو ويو، ٻئي طرف جوڻيجو گروپ جي اڳواڻ پ پ ايم اين اي روشن جوڻيجو جي پٽ اعلا الدين جوڻيجو ۽ مرتضيٰ جوڻيجو جو چوڻ هو ته ڪوشش آھي ته 2011 واري ٻوڏ پلان جيان پاڻي ٽنڊو آدم برانچ ۾ ڇوڙ ڪرائي شھر کي بچايون، هوڏانهن مسئلي جي حل لاءِ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ايس ايس پي سانگهڙ، نويد ڏيرو، فراز ڏيرو، محمد خان جوڻيجو، علاو الدين جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڊي سي نثار احمد ميمڻ ۽ ايم پي اي فراز ڏيرو ٻڌايو ته شھر کي بچائڻ لاءِ پاڻي ڪڍڻ تي اتفاق ٿيو آھي، طريقيڪار گڏجي طئي ڪري ڪم شروع ڪيو ويندو، اطلاعن موجب برساتي پاڻي شهر طرف وڌڻ لڳو ۽ وڏي آبادي وارو ڳوٺ محمد خان لنجواڻي مڪمل طور ٻڏي ويو، جتان ڳوٺاڻا پنهنجا سر بچائي نڪتا، ان حوالي سان شھر ٻڏڻ واري خبر سوشل ميڊيا تي هلڻ ۽ مسجدن مان اعلان ٿيڻ تي شھرين ۾ خوف پيدا ٿي ويو ۽ هزارين شھري باءِ پاس وٽ پهچي ويا،