ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٻوڏ متاثر روڊن رستن چوراهن تي ويهي بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن، جڏهن ته علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار ٿي ويو آهي، جنهن سبب رهواسي مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، پر چونڊيل نمائندن سندن واهر ناهي ڪئي، ان حوالي سان متاثرن ٻڌايو ته اسان جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، بي يارو مددگار آهيون، نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.