ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ الهبچايو لاشاري ۾ ڳوٺاڻي  الهبچايو لاشاري جو  صبح سوير  مبينا تشدد ٿيل  گهرن ٻاهران  اوطاق وٽان لاش هٿ ڪيو ويو آهي، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جي پٽ خادم حسين  ۽  ڀيڻ  زيب النساءِ  جو چوڻ هو ته ڳوٺاڻو رات کان گم هو،  اسانجي دشمني  به آهي، اسانجي همراهه کي قتل  ڪيو ويو، معاملي جي جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي طرف پوليس موجب واقعو قتل آهي  يا طبي موت، پوسٽ مارٽم  رپورٽ  بعد خبر پوندي.