ٽنڊوباگو (ن پ ا) سول جج ٽنڊوباگو جو نئون ماڻڪ واھ تي ڇاپو، غيرقانوني هلندڙ لفٽ مشينون ۽ ڇاٻون هڻندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم. خبر موجب سول جج ٽنڊوباگو دين محمد مگسي ھاءِ ڪورٽ ۽ سيشن جج بدين جي حڪم ۽ ايڊوڪيٽ فھيم خاصخيلي جي درخواست تي گذريل ڏينهن نئون ماڻڪ واهه تي ڇاپو هڻي واھ کي لڳل غير قانوني رڪاوٽون هٽائي ۽ لفٽ مشينون بند ڪرائي ڇڏيون. سول جج ٽنڊوباگو دين محمد مگسي ايس ڊي او ايريگيشن فياض قمبراڻيءَ کي حڪم ڏنو ته پاڻي چوري ڪندڙ زميندارن خلاف ايف آءِ آر درج ڪرائي پوڇڙ تائين پاڻي پھچايو وڃي.