ٽنڊوباگو/خليفو قاسم (ن پ ا) ڳوٺ حاجي احمد زئور جي ڳوٺاڻن حيسڪو ٽنڊوباگو پاران 15 ڏينهن کان ڳوٺ جي ڪٽيل بجلي جي بحاليءَ لاءِ ٽنڊوباگو- بدين روڊ تي ڊنگهر رکي، ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. خبر موجب ٽنڊوباگو- بدين روڊ تي ڳوٺ حاجي احمد زئور جي 100 کان وڌيڪ رهواسين 15 ڏينهن کان بجلي بند هئڻ خلاف امتياز احمد، ايمان، آڪاش ۽ آپا بشيران زئونر جي اڳواڻيءَ ۾ حيسڪو ٽنڊوباگو جي عملي خلاف ٽنڊوباگو- بدين روڊ تي ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هڻي، ڊنگهر رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته 15 ڏينهن کان ڳوٺ جي بجلي ڪٽيل آهي، بار بار چوڻ جي باوجود ڳوٺ جي ڪٽيل بجلي بحال نٿي ڪئي وڃي. هنن الزام هنيو ته ايس ڊي او تلهار کي ڳوٺ جي بجلي بحال ڪرڻ لاءِ چيو پر رشوت نه ڏيڻ ڪري حيسڪو عملدارن ڳوٺ جي بجلي بحال ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ لائين سپرنٽينڊنٽ فدا حسين ميمڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري بجلي بحال ڪرڻ جي خاطري ڏياري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.