ٽنڊوالهيار ۾ بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو، بچائيندڙ سخت زخمي

0
182
ٽنڊوالهيار ۾ بجلي جي ٿنڀي

ٽنڊوالهيار(ن پ ا) ٽنڊوالهيار ۾ سرن جي ڀٺي تي ڪم ڪندڙ 20 ورهين جي نوجوان ڀيڻ کان ناراض ٿي بجلي جي کنڀي تي چڙهي خودڪشي ڪري ڇڏي کيس بچائڻ لاءِ ٿنڀي تي چڙهندڙ 22 ورهين جو نوجوان شديد زخمي ٿي پيو

ٽنڊوالهيار جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد منڳريا ڪالوني ۾  نورمحمد لغاري جي سرن جي ڀٺي تي ڪم ڪندڙ نوجوان امين گل اوڏ سرن لاءِ مٽي گڏ ڪرڻ جي معمولي ڳالهه تان ڀيڻ کان ناراض ٿي  بٺي ڀرسان بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي 11 هزار وولٽ جي تارن ۾ ھٿ وجهي  خودڪشي ڪري ڇڏي

جڏهن ته نوجوان کي بچائڻ لاءِ ٿنڀي تي چڙهندڙ سندس سئوٽ نذير اوڏ شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

عمرڪوٽ ڀرسان نوجوان ناري جو گهر ۾ ٽنگيل لاش هٿ