ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ بيٺل چنگچي رڪشا سان موٽر سائيڪل ٽڪرائجڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، خبر موجب شهر جي شهيد بينظير ڀٽو ريلوي پل تي برسات کان چنگچي رڪشا لوڊر ۾ پناھ وٺي ويٺل ٻوڏ متاثرن جي ڪٽنب سان موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ خير محمد مري واسي دائود پٺاڻ لوهي سيخ ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾هو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن  کي تعلقه اسپتال پهچايو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو،