ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ميونسپل چيئرمين ۽ ڪائونسلرن ۾ اختلاف تيز، ميونسپل پاران مبينا طور وارڊ نمبر 10 جي واٽر سپلاءِ لائين بند، 3 هزار گهر متاثر، ڪائونسلر پاران چيئرمين تي انتقامي ڪارروائي ڪرڻ جو الزام، رپورٽ موجب ميونسپل ڪاميٽي ۾ پ پ سان لاڳاپيل چيئرمين غلام مرتضيٰ جوڻيجو ۽ ساڳي ئي پارٽي جي ڪائونسلرن ۾ اختلاف تيز ٿي ويا آهن، ميونسپل ڪاميٽي پاران وارڊ نمبر 10 جي مين واٽر سپلاءِ لائين ۾ فالٽ ڄاڻائي مبينا طور بند ڪئي وئي آهي، جنهن سبب 3 هزارنصفحو  کان وڌيڪ رهواسي پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آهن، وارڊ نمبر 10 جي پ پ ڏيرا گروپ سان لاڳاپيل ڪائونسلر امتياز آرائين ميونسپل چيئرمين تي الزام مڙهيو ته 2 ڏينهن اڳ ۾ ميونسپل جي اجلاس ۾ حساب ڪتاب گهرڻ ۽ شهر جون پراپرٽيون نيلام ڪرڻ تي اجلاس مان بائيڪاٽ ڪرڻ تي چيئرمين چڙي پيو آهي ۽ هن منهنجي وارڊ جي واٽر سپلاءِ بند ڪري ووٽرن کي تڪليف ۾ وڌو آهي، ٻئي طرف ميونسپل چيئرمين غلام مرتضيٰ جوڻيجو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آئون تڪراري مسئلن ۾ ڦاسڻ نٿو چاهيان، مون تي الزام هڻندڙ پاڻ قبضا ڪرڻ ۾ ملوث آهن، مون هميشه شهر کي ترقي ڏياري، ميونسپل جي ملڪيتن جي به حفاظت ڪئي آهي، هن چيو ته مون کي اونداهي ۽ گندگي ۾ ٻڏل شهر مليو، جنهن کي مون روشن ڪري صاف سٿرو بڻايو آهي ۽ مون جيڪي ترقياتي منصوبا تجويز ڪيا آهن انهن کي تڪراري بڻائي شهر جي ترقي ۾ رڪاوٽ وڌي پئي وڃي.