ٽريفڪ اهلڪار کي چماٽون هڻندڙ ايم پي اي جو ڀائيٽيو گرفتار

0
137

سبي (رپورٽ: خرم شهزاد) بلوچستان پوليس، ڪوئيٽا ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪار کي چماٽون هڻندڙ ايم پي اي جي ڀائيٽي کي گرفتار ڪري ورتو

پيپلزپارٽي جي ايم پي اي لياقت لهڙي جي ڀائيٽي دانش لهڙي چيڪنگ لاءِ گاڏي روڪڻ تي ٽريفڪ اهلڪار کي چماٽون هنيون هيون

 پوليس سيٽلائيٽ ٽائون ۾ ايم پي اي جي گهر لهڙي هائوس تي چڙهائي ڪري ايم پي اي جي ڀائيٽي دانش کي گرفتار ڪري ورتو

ڊي آءِ جي ڪوئيٽا جي حڪم تي پوليس جي وڏن اٽالن ڪارروائي ڪندي ايم پي اي جي ڀائيٽي کي گرفتار ڪيو

گرفتاريءَ بعد ايم پي اي جي ڀائيٽي دانش لهڙي پاران ٽريفڪ اهلڪار کان معافي وٺڻ جي وڊيو به سامهون اچي وئي