ٽرانس جينڊرز بابت شرعي عدالت جو فيصلو رد، سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

0
265
ٽرانس جينڊرز بابت شرعي عدالت جو فيصلو رد
ٽرانس جينڊرز بابت شرعي عدالت جو فيصلو رد، سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

ڪراچي: ٽرانس جينڊرز وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي کي بي بنياد ڪندي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽرانس جينڊرز چيو ته شرعي عدالت جو فيصلو ججن جي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ تاريخ کان لاعلمي جو نتيجو آهي، جنهن کي اسين مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا ۽ ان فيصلي کي ٽرانس جينڊرز خلاف سازش قرار ڏيون ٿا

شهزادي راءِ ۽ ٻين چيو ته عدالتي فيصلي سان ڏک پهتو، ان فيصلي سان سماج ۾ جنس پرستن خلاف تشدد ۽ تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو

ٽرانس جينڊرز چيو ته وفاقي شرعي عدالت ڪڏهن به اسان سان انصاف ناهي ڪيو، رياست اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي

وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي کانپوءِ  سنڌ مارچ جي اڳواڻ شهزادي راءِ ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو

هنن چيو ته جماعت اسلامي سڄي ملڪ ۾ خواجه سرائن خلاف نفرت پکيڙي رهي آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ جديد ميڊيڪل سائنس جي گهرجن کي پورو ناهي ڪيو

هنن چيو ته سنڌ جي صدين پراڻي تاريخي صوفي سڃاڻپ کي به پائمال ڪيو ويو، اهڙو فيصلو جماعت اسلامي جي غلط پروپيگنڊا جي اثر هيٺ ڏنو ويو آهي

هن کي به پڙهندا

ٽرانسجينڊر ايڪٽ جو سيڪشن 2 ۽ 3 اسلامي تعليم جي خلاف قرار