ٽرانسفارمر واقعي ڪيس ۾ گرفتار حيسڪو ايڪسيئن ۽ ايل ايس جَي جسماني رمانڊ ۾ 2 ڏينهن واڌ

0
163

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت ٽرانسفارمر واقعي ڪيس ۾ گرفتار حيسڪو ايڪسيئن ۽ ايل ايس جَي جسماني رمانڊ ۾ 2 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي، پوليس ايڪسيئن ظفر سولنگي ۽ ايل ايس محمد سليم کي رمانڊ پورو ٿيڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو، لطيف آباد ۾ 22 جولاءِ تي ٽرانسفارمر ڦاٽڻ سبب 10 ڄڻا سڙي فوت ٿيا هئا. ڀٽ شاهه ۾ حيسڪو ملازمن پاران احتجاج ڪيوويو.