ٽرانسجينڊرز کي وظيفو ڇو نه ٿو ملي؟

0
343

لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي بجيٽ اجلاس ۾ ٽرانسجينڊر ميمبر ثمرن پهرين خطاب ۾ چيو آهي ته ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جيان لاڙڪاڻي جي ٽرانسجينڊرز کي وظيفو ڇو نه ٿو ملي؟ ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي جي ٽرانسجينڊرز کي به ووڪيشنل ٽريننگ ۽ ٻيون سهولتون ملڻ گهرجن

ثمرن چيو ته ڪارپوريشن ۾ خواجا سرائن کي نمائندگي ڏيڻ تي بلاول جا ٿورائتا آهيون، پر لاڙڪاڻي جا ٽرانسجينڊر  وظيفي سميت سمورين سهولتن کان محروم آهن

هن چيو ته اميد آهي ته سنڌ سرڪار لاڙڪاڻي جي ٽرانسجينڊرز کي به سندن حق ڏيندي