ٽانڪ ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به پوليو ٽيم تي حملو، وڌيڪ هڪ پوليس اهلڪار شهيد

0
167

ٽانڪ ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن

ڪراچي(م ڊ) ڪي پي جي علائقي ٽانڪ ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به پوليو ٽيم تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو

پوليو ٽيم تي حملي جي تصديق ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ٽانڪ ڪبير خان آفريدي چيو ته شيدا ڳوٺ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت ڪندڙ پوليس اهلڪار تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي

ڊي سي ڪبير خان آفريدي موجب نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ ڪانسٽيبل شهيد ٿي ويو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا

ڪبير خان آفريدي چيو ته پوليو ٽيم تي فائرنگ جو هي ٻيو واقعو آهي، گذريل ڏينهن به ٽانڪ ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو هو