ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف جي ميگا ٿرلر فلم ”ٽائيگر 3“ جو پهريون گيت رليز ٿيندي ئي ڇانئجي ويو. فلم ٽائيگر 3 ۾ جاسوس ايجنٽ جو ڪرادا ادا ڪندڙ اسٽار سلمان خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي پنهنجي فلم جي گيت ”لي ڪي پرڀو ڪا نام“ جي وڊيو جاري ڪئي آهي. سلمان خان ايڪس تي وڊيو پوسٽ ڪندي مداحن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اميد آهي ته اوهان سڀني کي اهو گيت پسند ايندو.