ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سرگرميون تيز

0
102

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي جي ڏنل سڏ تي 3 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، ان ڏس ۾ ٺل تعلقي جي مختلف شهرن جونگل، ڳڙهي حسن، باهوکوسو ۽ ٻين شهرن جي سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ ايڪتا جا پروگرام رٿيا ويا آهن

 جڏهن سگهڙ سٿ، جسقم، قومي عوامي تحريڪ، وطن دوست مزدور فيڊريشن، فنڪار ايسوسيئيشن پاران ايڪتا جي حوالي سان مچ ڪچهريون ۽ ڳوٺاڻيون ڪچهريون ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ اڳواڻن روشن ڪنراڻي، وسيم قريشي، محمد ابراهيم ڪنراڻي ۽ ٻين چيو ته ايڪتا ڏهاڙو اسان جي قومي عيد آهي جنهن کي ڀرپور نموني سان ملهائينداسين، هنن چيو ته ايڪتا ڏهاڙي تي لکين سنڌي هڪ ويس اوڙهي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏيندا.

ڪوٽڙي ۾ ايڪتا جي تقريب، راڳ رنگ جي محفل

ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران 3 ڊسمبر تي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ اعلانيل ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهائڻ لاء سموري سنڌ جيان ڪوٽڙي ۾ به ايڪتا جا نت نوان رنگ نکري آيا آهن، ان حوالي سان ڪوٽڙي جي سماجي ورڪرن سيد نور محمد شاهه، سيد خليل احمد شاھ ، اعجاز ڏيٿو، سرفراز خاصخيلي ۽ ٻين جي ميزباني هيٺ مسلم ٽائون ڪوٽڙي ۾ رنگار رنگ ايڪتا تقريب ملهائي وئي جنهن ۾ ٽائيم نيوز جي رپورٽر شوڪت ميمڻ کي بوسڪي جو پٽڪو ٻڌايو ويو

 ايڪتا تقريب ۾ ميزبانن پاران ٽائيم نيوز جي رپورٽر کان علاوه پريس ڪلب جي صدر ۽ ميونسل ٻولهاڙي جي مقامي ڪائونسلر کي پڻ لونگيون، ٽوپيون ۽ بوسڪي جا پٽڪا ٻڌايا ويا. ايڪتا تقريب ۾ مهمانن کي روايتي سنڌي کاڌا کارايا ويا جنهن ۾ مکڻ، ماکي، بيهن جو ٻوڙ، ساڳ، پليون، ڪرڙو مڇي، ٻاڪرا گوشت، سنڌي پلاءُ، بسريون، چانورن جون مانيون ۽ ٻيا سنڌي کاڌا شامل هئا، بعد ۾ رات دير تائين هلندڙ تقريب ۾ مشهور لوڪ فنڪارن گيت ڳائي محفل کي جهومايو، راڳ جي محفل ۾ شامل سوين شهري گيتن تي رقص ڪندا رهيا.

سکر ۾ ايڪتا مچ ڪچهري، ڳجھارتون، پهاڪا ۽ شاعري پيش

روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران اعلانيل 3 ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙي جي موٽ ۾ ڳوٺ ترائي ۾ ڀٽائي سرڪار جي تڪيي مبارڪ تي شاهه لطيف فائونڊيشن پاران استاد محمد بخش بروهي ۽ ٻين پاران مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي

 جنهن جو مھمان صاحب خان شيخ هو، مچ ڪچهري دوران جڳ مشهور سگهڙن فقير محرم، فقير بشير ڏيٿو، محمد بخش لولائي ۽ ٻين ڏور، بيت، ڳجهارتون، پهاڪا ۽ ڀٽائي سرڪار جي شاعري ٻڌائي محفل ۾ واھ واھ ڪرائي خوب داد حاصل ڪيو.

درگاهه سچل جي صوفي فنڪارن پاران ايڪتا ڀرپور ملهائڻ جو اعلان

درگاهه حضرت سچل سرمست جي صوفي فنڪارن پاران 3 ڊسمبر ايڪتا ڏھاڙو اچو ته نيئن سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ملهائڻ جو اعلان، خبر موجب درگاهه حضرت سچل سرمست جي صوفي فنڪارن 3 ڊسمبر ايڪتا ڏھاڙو اچو ته نيئن سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان ڪيو آھي

 صوفي فنڪارن سلامت سهراب فقير، امتياز فقير ۽ نذير ڀٽي سنڌ جا ڪلام ڳائي سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي صوفي فنڪارن ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته 3 ڊسمبر ايڪتا ڏھاڙو ڀرپور نموني ملهائينداسين، اسان ان ڏينهن تي سچل سائين جي صحن آڏو جمهريون هڻي سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪنداسين.

دادلغاري واسين پاران ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ تياريون شروع

دادلغاري واسين محمد اسلم، شفقت منگي، فرمان بلوچ ۽ ٻين 3 ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، هنن چيو ته اسان علي قاضي صاحب جي سڏ کي ڀرپورموٽ ڏينداسين ۽ 3ڊسمبر جو ڏينهن عيد جيئن ملهائنيداسين

 هنن چيو ته داد لغاري شهر ۾ ايڪتا ڏينهن جي اعلان بعد علائقي واسي ۽ شهري وڏي تعداد ۾ اجرڪ ۽ ٽوپين جي خريداري ڪري رهيا آھن

  اچو ته نئين سنڌ اڏيون”: ڀٽ شاهه ۾ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون

ڀٽ شاھ ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ قومپرست پارٽين جو اجلاس منعقد، ثقافتي ايڪتا ڏهاڙو “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي هيٺ ملهائڻ جو عزم ڪيو ويو، اڳواڻن پاران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏ ايڪتا ڏهاڙو 3 ڊسمبر تي ملهائڻ لاءِ تياريون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

 ڀٽ شاھ ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي آفيس تي منعقد ڪيل اجلاس ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ شڪور ناز خاصخيلي، جسقم جي ضلعي اڳواڻ عبدالرشيد ڏيٿو، ايس ٽي پي اڳواڻ رحمدل مگسي، هيومن رائيٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس جي مرڪزي چيئرمين رانا غلام نبي راجپوت ،پيپلزپارٽي اڳواڻ ذوالفقار علي سومرو، فنڪشنل ليگ اڳواڻ محمد رشيد رند ، سنڌ سوشل ٽيم جي اڳواڻ اظهر علي منڱريو، عزت علي ڪوڙي، فيضان رضا ابڙو، سول سوسائٽي جي محمد سومار ٿهيم، راجا حيدر بخش وساڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي

 ان موقعي تي اڳواڻن پاران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي اعلانيل “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙي جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو ويو ۽ محترم علي قاضي جي اعلانيل 3 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور جوش جذبي سان ملهائڻ ۽ مچ ڪچهرين سميت ثقافتي ايڪتا پروگرامن لاءِ ڀرپور تيارين جو فيصلو ڪيو ويو. ڀٽ شاهه: ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جي حوالي سان اجلاس ۾ شهري اڳواڻ شريڪ آهن