ٺٽو ( رپورٽر )  ٺٽي پوليس پاران گٽڪي مائي جي سامان سپلاءِ توڙي وڪري ڪندڙ 6 عورتن سميت 14 ڄڻن کي گرفتار ڪري وٽانئن وڏي مقدار ۾ گٽڪي مائي سميت هڪ سوزوڪي پڪ اپ ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ان ڏس ۾  ٺٽي جي ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان پاران ڄاڻايو ويو آهي ته ٺٽو جي مختلف ٿاڻن ڌاٻيجي ، گھارو ۽ سي آئي اي ٺٽي جي پوليس گٽڪي ،. مائي خلاف ڪاروائي ڪندي گٽڪي وڪري ۽ مٽيريل سپلاءِ ڪندڙ ، تاج محمد چانڊيو ، صدام ملاح ، نظير خاصخيلي ، حسن ملاح ، شير محمد ڪلمتي ، عبدالغفار آرائين ، نعيم ميمڻ ، علي حسن ڪلمتي ۽ 6 عورتن مسمات ڪلثوم ، مسمات رخسانه ،  مسمات نصيبان ، مسمات مهناز ، مسمات مريم ۽ مسمات ساجده سميت 14 ڄڻن کي گرفتار ڪري وٽانئن 356 ڪلو گٽڪو ، مائو مٽيريل ، 865 گٽڪي ، مائي جون پڙيون هڪ سوزوڪي پڪ اپ ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪري مٿن ٿاڻن تي گٽڪي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن .