ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو پوليس هٿان نوجوان شمن جاکرو کي کنڀي ناحق بند ۾ رکڻ واري مامري جي مڪلي ٿاڻي تي ڊي ايس پي سميت 5 پوليس اهلڪارن ۽ هڪ خانگي شخص خلاف ڪيس داخل ٿيڻ بعد گرفتار اهلڪارن کي عدالت ۾ پيش ڪري جڊيشل رمانڊ حاصل ڪري ورتو، ان ڏس ۾ مڪلي مان ٺٽو پوليس نوجوان شمن جاکرو کي کنڀي ناحق بند ۾ رکڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڊي ايس پي ٺٽو سٽي وقار ميمڻ، منصور علي، محرم علي، دوست علي، مرتضيٰ کي گرفتار ڪري ٿرڊ سول جج ٺٽو جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت 13 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻڻ جي حڪم ڏنو ويو، گرفتار ڊي ايس پي جي وڪيل اعجاز جماڻي پاران ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي وئي، فريادي نوجوان شمن جاکرو جي نو آبجيڪشن درخواست جي آڌار تي پنجن ئي اهلڪارن جي ضمانت منظور ڪئي وئي، عدالت جاچ آفيسر کي ھدايت ڪئي ته ڪيس جي جاچ ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، ڪيس ۾ نامزد هڪ ھڪ پرائيويٽ شخص عزيز چانڊيو گرفتار نه ٿي سگھيو، هوڏانهن ڊي ايس پي ٺٽو سٽي سميت 5 ئي پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو ۽ ٺٽو سٽي جي معطل ڪيل ڊي ايس پي وقار ميمڻ جي جاءِ تي وحيد لاڙڪ کي ٺٽي سٽي جو نئون ڊي ايس پي مقرر ڪيو ويو.