اسلام آباد (م ڊ) آمريڪي نمائندن جي ايوان مان پاڪستان ۾ عام چونڊن جي جاچ لاءِ منظور ڪيل ٺهراءَ تي بچاءَ واري وزير خواجا آصف ردعمل جو اظهار ڪري ڇڏيو.پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته ٺهراءُ هڪ اهڙي ملڪ طرفان سامهون آيو آهي، جنهن جمهوري حڪومتن جا تختا اونڌا ڪيا، ٺهراءُ اهڙي ملڪ طرفان سامهون آيو، جيڪو فلسطينين جي نسل ڪشي ۾ سهولت ڪاري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڊيموڪريٽڪ، ريپبلڪنز چونڊن ۾ هڪٻئي تي پرڏيهي مداخلت ۽ ڌانڌلي جا الزام هنيا آهن، ڇو ته گڏيل قومن کي آمريڪي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ چيو وڃي . هوڏانهن ن ليگ ايم اين اي حنيف عباسي آمريڪي نمائندن جي ايوان مان پاڪستان ۾ عام چونڊن جي جاچ لاءِ منظور ڪيل ٺهراءَ کي فوج خلاف پروپئگنڊا ۽ صيهوني سازش قرار ڏئي ڇڏيو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي حنيف عباسي چيو ته اهو ٺهراءُ پاڪ فوج خلاف پروپئگنڊا ۽ صيهوني سازش آهي، جنهن کي مڪمل ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ٺهراءَ لاءِ ڪانگريس ۾ لابنگ ڪرڻ لاءِ عمران خان جي ڪزن جاويد برڪي، شهباز گل ۽ ڊاڪٽر محمد آصف لکين ڊالر خرچ ڪيا، ان ٺهراءَ پويان اهي ئي ماڻهو آهن، جن آمريڪا ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران جهاز اڏايو