ٺل (ن پ ا) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد صديق نوناري پل وٽ ڊول ۽ سومرو برادري جي ٻن ڌرين ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ نور نبي، نورعلي، عبدالحق ۽ بلاول شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف پوليس ٻنهي ڌرين جون اين سيون داخل ڪري ڇڏيون آھن.