ٺري ميرواهه (رپورٽ: عابد شر) ٺري ميرواهه جي ڳوٺ ڏيٿو شر ۾ 5 ڏينهن اڳ زهريلي دوا پي خودڪشي ڪندڙ 10ورهين جي کٿابي يوسف شر جي وارثن وٽ معافي لاءِ مذھبي اڳواڻ مولوي مفتي نورنبي سڪندري عبدالنبي سڪندري، مولوي صوفي الهورايو شر ۽ نينگر تي تشدد جي الزام هيٺ آيل حافظ عامر ملاح علائقي جا معززن ساڻ وٺي ميڙ منٿ قافلو ڪري پهتا، جتي ڳالهين بعد حافظ عامر ملاح تي نينگر تي وحشياڻو تشدد ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو، جنهن تي هن معافي ورتي، ان موقعي تي نينگر جي وارثن امڙ ۽ والد حسين بخش شر تشدد ڪندڙ حافظ عامر ملاح کي معاف ڪري ڇڏيو، نينگر جي والد حسين بخش شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو مرِ منٿ کڻي اچڻ تي تشدد ۾ ملوث مولوي کي معاف ڪيو آهي، ياد رهي ته چار ڏينهن اڳ مدرسي ۾ پڙھندڙ 10 ورهين جي نينگر يوسف شر سبق ياد نه ڪرڻ تي استاد  جي بار بار تشدد کان تنگ اچي پنهنجي گهر ۾ زهريلي دوا پي خودڪشي ڪئي هئي.