ٺاروشاھ پوليس 20 ڪلاڪ گذرڻ باوجود نينگري جو ڌڙ ھٿ ڪرڻ ۾ ناڪام

0
214
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

ٺاروشاھ(ن پ ا) ٺاروشاھ ڀرسان دليپوٽا شاخ مان مليل ڌڙ کان ڌار سسيءَ وارو مامعلو، ٺاروشاھ پوليس هٿ آيل معصوم نينگري جي سسيءَ جو پوسٽ مارٽم بعد امانت طور تدفين ڪرائي ڇڏي جڏهن ته 20 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس معصوم نيگري جو ڌڙ ھٿ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، ٻئي پاسي معصوم نيگري جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي پوسٽ مارٽرم ڪندڙ ڊاڪٽر جبران اپتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته ڪنهن تيز ڌار اوزار سان سسي ڌڙ کان ڌار ٿيل آھي ۽ پنج ڏينهن کان پاڻيء ۾ ڳريل منڊھي آھي جنهن جا جزا ورتا سڄاڻپ صرف ڊي اين اي ذريعي سگھي ٿي جڏھن ته ايس ايڇ او ٺاروشاھ اشرف ميمڻ ٻڌايو ته ماملي جي هر رک کان جاچ ڪري رهيا آھيون هن مهل تائين هٿ آيل منڊھي جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي آھي جنهنڪري امانتي طور هٿ آيل منڊھي جي تدفين ڪري ڇڏي آھي. ڌڙ ۽ وارثن جي ڳولا ڪري رھيا آھيون.