ٺاروشاھه (رپورٽر) ٺاروشاھه ڀرسان ڳوٺ مٺو پنھور ۾ مبينا طور پورھيت ٻارڙي سان بدفعلي جـي ڪوشش ڪئي وئي، دليپوٽا پوليس الزام ھيٺ آيل ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل ھنڌ منتقل ڪـري ڇڏيو، ڳوٺ مٺو پنھور واسي نابين پيرسن غلام شبير پنھور ٺاروشاھ ٿاڻي تي پھچي دانھيندي چيو ته سندس 12ورهين جو پٽ جانب پنھور رليون ۽ وھاڻا مختلف ڳوٺن ۾ وڪرو ڪندو آھي، هن الزام هنيو ته سھيل پنھور ۽ دائود پنھور پٽ سان بدفعلي جي ڪـوشش ڪئي، ھن چيو تـه دليپوٽا پوليس چوڪي تي اين سي داخل ڪرائي، ٻئي پاسي پوليس الزام هيٺ آيل ٻنھي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، نينگر جي پيءُ جو چوڻ جو ته بااثر راڄوڻي لاءِ ڌمڪائي رھيا آھن، ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.