ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺارو شاهه ۾ هر سال جيان هن سال به 11 هين محرم الحرام تي ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٻه مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ٿيا، جنھن ۾ مختلف پڙن تان نڪتل 50 کان مٿي جلوس شامل ٿي ويا، جڏھن ته نوحا خوان سيد احمد شاھ ۽ ٻين نوحا پيش ڪري ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاھ سيد سچل بخاري تي نھر ٿيو، بعد ۾ مجلس عزا منقعد ڪئي وئي.