ٺاروشاهه(ن پ ا) هڪ ڏينهن اڳ دوڙ ۾ بجلي جي پول تي ڪم ڪندي بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿيل واپڊا ملازم عبدالطيف سولنگي جو مڙهه ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ سونهري ۾ پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. علائقو سوڳ ۾ بند ٿي ويو. فوتي اهلڪار جي جنازي نماز ۾ سوين علائقي واسين ۽ صحافين جي شرڪت سوين آلين اکين سان سندس اباڻي ڳوٺ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.