يو اي اي پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، هاڻ رڳو سعودي جي تصديق باقي

0
151
يو اي اي پاڪستان کي
يو اي اي پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، هاڻ رڳو سعودي جي تصديق باقي

گڏيل عرب امارتن آءِ ايم ايف کي پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي هاڻ رڳو سعودي عرب پاران تصديق ڪرڻ باقي رهجي وئي آهي

جڏهن ته ناڻي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي اڄ چين طرفان 30 ڪروڙ ڊالر ملي ويندا

تفصيل موجب گڏيل عرب امارتن جي عملدران عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

ان حوالي سان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بينڪ يو اي اي عملدارن کان رقم وصولي لاءِ ضروري دستاويزن تي ڪم ۾ مصروف آهي

ٻئي طرف ناڻي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻي اسٽاف ليول معاهدو ٿيڻ ۾ رڳو سعودي عرب جي تصديق ٿيڻ باقي آهيملڪ کي 5 سالن ۾ وياج کان

ذريعن موجب سعودي عرب کان 2 ارب ڊالر ايندڙ هفتي تائين ملڻ جي اميد آهي، سعودي عرب جي تصديق بعد پرڏيهي قرض وارا شرط پورا ٿي ويندا

هوڏانهن ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اڄ چين طرفان به پاڪستان کي 30 ڪروڙ ڊالر ملي ويندا اڄ ملندڙ رقم چين طرفان منظور ڪيل هڪ ارب 30 ڪروڙ دالر قرض جو حصو آهي

ناڻي وزير جو چوڻ آهي ته چين قرض جي مد ۾ هڪ ارب ڊالر پاڪستان کي پهرين ئي ڏئي چڪو آهي اها رقم چين جي آئي سي بي سي بينڪ طرفان هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر قرض جي ٽئين قسط آهي

اسحاق ڊار ٻڌايو ته اها رقم ملڻ بعد پاڪستان جا ناڻي جي مٽا سٽا وارا ذخيرا وڌيڪ مستحڪم ٿي ويندا

هي به پڙهندا

وزير اعظم سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مشاورت لاءِ اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو