يوڪرين ۾ جاري جنگ سامراجي سازشن جو نتيجو آهي: غنويٰ ڀٽو

0
248
يوڪرين ۾ جاري جنگ
يوڪرين ۾ جاري جنگ سامراجي سازشن جو نتيجو آهي: غنويٰ ڀٽو

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) جي چيئرسن غنويٰ ڀٽو يوڪرين ۾ جاري جنگ کي سامراجي سازشن جو نتيجو قرار ڏنو آهي

هن چيو آهي ته يوڪرين کي خوفناڪ جنگ ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادين ڌڪيو آهي. يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ اهو معاهدو هو ته يوڪرين نيٽو جو حصو نه بڻبو پر آمريڪا يوڪرين کي نيٽو ۾ شامل ڪرڻ جي جيڪا سازش ڪئي

ان سان روس جي وجود لاءِ خطرا پيدا  ٿي رهيا هئا. دنيا جو ڪو به ملڪ پنهنجي ڀرپاسي ۾ پنهنجي مخالف ملڪن کي پير کوڙڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي سگهي. آمريڪا ۽ هن جي اتحادين هڪ طرف يوڪرين کي جنگ ۾ اوڙاهه ۾ اڇلايو ۽ ان بعد امن جا گيت ڳائڻ ۾ مصروف ٿي ويا

پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) جي چيئرپرسن ان سلسلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن وقت آمريڪا ۽ هن جا اتحادي جهڙي طرح روس مٿان يوڪرين مٿان حملو ڪرڻ تي واويلا ڪري رهيا آهن، ڪاش! امن جو اهو اصول انهن کي ان وقت به ياد اچي ها، جڏهن آمريڪا ويٽنام کي جنگ جي باهه ۾ جلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي

جڏهن هن ڪوريا ۾ جنگ ڪرائي، ڪوريا جا ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏيا هئا. جڏهن  آمريڪا ڪوڙ ڳالهائي عراق جي مٿان حملو ڪيو هو ۽ هڪ تاريخي ملڪ کي جنگ جي ميدان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. آمريڪا کي ان مهل امن ياد ڇو نه آيو هو؟ جڏهن هن لبيا ۾ مداخلت ڪئي هئي

جڏهن آمريڪا افغانستان مٿان ويهن سالن تائين بم اڇلايا ۽ بعد ۾ شڪست کائي ڀڳو هو. پارٽي چيئرپرسن چيو آهي ته آمريڪا يوڪرين کي يورپ جو شام بڻائڻ چاهي ٿو. اسان هڪ ڀيرو ٻيهر يوڪرين ۾ جاري جنگ جي مذمت ڪريون ٿا ۽ امن جي عالمي قوتن کي اپيل ٿا ڪريون ته هو پنهنجي پرامن جدوجهد سان هن جنگ کي جٽادار امن ۾ تبديل ڪن. ان سلسلي ۾ جيستائين پاڪستان جو تعلق آهي، پاڪستان هن وقت تاريخ جي ٻه واٽي تي بيٺو آهي. پاڪستان کي هاڻي بلاڪن جي سياست ۾ الجهي رياست جو وڌيڪ نقصان ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ کپي.