اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ اندر قائم 4 هزار کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽورن تي سستي اگهه تي عام واهپي جون شيون خريد ڪرڻ جي حوالي سان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن پاليسي جاري ڪري ڇڏي، جنهن تحت رمضان مهيني دوران عام واهپي جون شيون مارڪيٽ کان گهٽ اگهه تي خريد ڪرڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي ايندڙ ڪو به شهري هڪ ڏينهن ۾ اٽي جو 20 ڪلو جو هڪ ٿيلهو، رڳو 2 ڪلو کنڊ ۽ گيهه ٻه ڪلو تائين خريد ڪري سگهندو، اهي شيون ان مقدار کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽورن تان خريد نه ڪري سگهبيون، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن مطابق رمضان پيڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورن تي 19 عام واهپي جي شين جون شيون مارڪيٽ کان سستي اگهه تي ملنديون، اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 800 رپيا، کنڊ 68 رپيا ڪلو، گيهه 170 رپيا ڪلو، مارڪيٽ کان کارڪون في ڪلو تي 20 رپيا، چانور 10 کان 12 رپيا، داليون 15 کان 20 رپيا، بيسڻ 20 رپيا ڪلو عام مارڪيٽ کان سستو ملندو، جڏهن ته مصالحا عام مارڪيٽ کان 10 سيڪڙو رعايتي اگهه تي ملندا، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن مطابق گيهه، کنڊ ۽ اٽي جي بليڪ تي وڪرو ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ان جي خريداري جو مقدار مقرر ڪيو ويو آهي.