سرينگر (م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج فائرنگ ڪري وڌيڪ 5 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ماٿري ۾ قابض فوج جي رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائي ۾ 5 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا. ڀارتي فوج شوپيان ضلعي ۾ هٿرادو سرچ آپريشن دوران فائرنگ ڪري 3، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 2 نوجوانن کي شهيد ڪيو.