ممبئي)شوبز نيوز)ڪيرالا يونيورسٽي جي وائس چانسلر بالي ووڊ اداڪارا سني ليون جي ڊانس پروگرام جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا جو ڊانس پروگرام 25 جولاءِ تي يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ ڪيرالا ڪيمپس ۾ طئي هو پر وائس چانسلر ڊاڪٽر من موهن ڪنومل رجسٽرار کي حڪم ڏنو ته سني ليون جو پروگرام نه ڪرايو وڃي. ڊاڪٽر ڪنومل چيو ته سني ليون جي پروگرام جي اجازت ان ڪري نه ڏني وئي، ڇو ته هائير ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان اڳ ئي ان حوالي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن،