سکر: حاصل ڪيل ڄاڻ موجب 2022ع جي مڪاني چونڊن ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي ماتحت ٽائون ڪاميٽين جي يونين ڪاميٽين ۾ چيئرمين لاءِ اليڪشن وڙھندڙ ميونسپل ڪارپوريشن جا ميمبر ٿيندا، جڏھن ته وائيس چيئرمين ٽائون ڪاميٽيءَ  جا ميمبر چونڊيا ويندا. اھڙي طرح ضلعي ڪائونسل جي يونين ڪائونسلز ۾ ڪامياب چيئرمين ضلعي ڪائونسل جا ميمبر ۽ وائيس چيئرمين يوسيز جا مامرا ڏسندا.