يورپي يونين 12 ۽ 15 سالن جي عمر جي ٻارن لاءِ فائزر ويڪسين جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
441

يورپي يونين 12 کان 15 سالن جي ٻارن لاءِ فائزر جي ڪورونا ويڪسين منظوري ڏئي ڇڏي آهي. برطانوي ميڊيا موجب يورپي يونين ۾ هن عمر لاءِ منظور ٿيل اھا پهرين ويڪسين آهي. رپورٽ موجب يورپي يونين جا ميمبر ملڪ انفرادي طور تي فيصلو ڪندا ته ڇا هن عمر جي ٻارن کي پنهنجي ملڪ ويڪسين لڳائڻي آھي يا نھ، جڏهن ته جرمني به گرين سگنل ڏنو آهي. آمريڪا ۽ ڪئناڊا بھ فائزر ويڪسينز جي منطوري ڏئي چڪا آهن. ماهرن موجب 12 ۽ 15 سالن جي عمر جي ٻارن کي 3 هفتن جي وقفي سان فائزر جي ويڪسين لڳايون وينديون. يورپي يونين طرفان منظوري اھڙي وقت تي ڏني وئي آھي جڏھن صحت جي عالمي چيو آھي تھ يورپ ۾ ويڪسينيشن ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي. صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آھي تھ جيستائين 70 سيڪڙو ماڻھن کي ويڪسين نٿي لڳائي وڃي تيستائين ھن وبا کي ختم ٿيڻ ڪوبھ امڪان ناھي.