وڳڻ ( ن پ ا ) ڳوٺ ٿرڙي ھاشم وٽ انڊس ھاءِ وي تي ويٺل عمراڻي برادري جي ماڻھن ۽ پوليس ۾ جوابدار گرفتار ڪرڻ تان جھيڙو ٿي پيو، وڳڻ ٿاڻي جو وڏو منشي فقير الھرکيو، اھلڪار اعجاز ٻگھيو سميت عمراڻي برادري جا احمد خان، نظام، گلزار ڏنڊا لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، جن کي پوليس اھلڪارن وڳڻ جي سرڪاري اسپتال پھچايو. عمراڻي برادري پاران عورتن سميت احتجاج ڪري انڊس ھاء وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته موٽرسائيڪل تي سوار سادا ڪپڙا پھريل پوليس اھلڪارن محرم کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪندي ھوائي فائرنگ ڪري ڏني اسانجي پھچڻ بعد اھلڪار مڇرجي پيا ۽ ڏنڊن سان مارڻ لڳا جنھن ۾ اسانجا پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن.