لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻي ويجھو وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ورياڻي جي رهواسي ظھور علي پٽ غلام شبير تنيو کي اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جو اطلاع علائقي واسين حد جي پوليس کي ڏنو، پهچي لاش تحويل ۾ وٺي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. جنهن کانپوء اسپتال انتظاميه ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف وڳڻ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي جلد جوابدارن جو پتو لڳايو ويندو.