ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت کي ڪميشن پاس ڪرڻ بنا مقرر فوڊ ڪنٽرولرن ۽ ڪرپشن ڪيسن کي منهن ڏيندڙ ڊي ايف سيز کي هٽائڻ جو حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سمورن ضلعن ۾ ڪميشن پاس آفيسر ڊي ايف سيز توڙي ٻين عهدن تي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪرپشن روڪڻ سميت ڪڻڪ جي منصفاڻي ورهاست وارا معاملا چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري خوراڪ کي پاڻ ڏسڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت چيف سيڪريٽري ۽ خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته سمورن ضلعن اندر اهل ۽ قابل آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي، جيڪڏهن خوراڪ کاتي ۾ ڪامورن جون غيرقانوني مقرريون ڪيون ويون ته آئين جي آرٽيڪل 204 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت پٽيشنر آصف انڙ ۽ ٻين جي درخواست اڪلائيندي کين ٽربيونل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. درخواستگذارن نان ڪميشنڊ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرن ۽ اسسٽنٽ فوڊ ڪنٽرولرن جي مقرري خلاف پٽيشن داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو هو ته نان ڪميشنڊ آفيسر ڪڻڪ جي ورڇ ۾ ڪرپشن ڪري رهيا آهن، هوڏانهن عدالتي حڪم واري ڏينهن ئي وفاقي سروسز جي او ايم گروپ سان تعلق رکندڙ خوراڪ کاتي سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر افضل شر کي بدلي ڪري شهيد بينظير آباد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ذوالفقار خشڪ کي سکر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.