وڪيل خواجا حارث توشه خانه ڪيس وڙهندڙ پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم کان ڌار ٿي ويو

0
142
وڪيل خواجا حارث توشه خانه ڪيس وڙهندڙ پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم کان ڌار ٿي ويو
وڪيل خواجا حارث توشه خانه ڪيس وڙهندڙ پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم کان ڌار ٿي ويو

اسلام آباد: وڪيل خواجا حارث توشه خانه ڪيس وڙهندڙ پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم کان ڌار ٿي ويو

ان سلسلي ۾ ذريعن موجب خواجا حارث پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم ۾ ڊسيپلين بابت خدشن سبب ڌار ٿيو، ذريعن موجب خواجا حارث اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق تي اعتراض نه وارڻ جو مشورو ڏنو هو

ڍ ليگل ٽيم ۾ شامل ڪجهه وڪيلن خواجا حارث جي موقف جي مخالفت ڪئي، مخالف راءِ رکندڙ وڪيلن خواجا حارث کي چيو ته توهان بينچ تي ڀلي اعتراض نه ڪيو پر اسان کي اعتراض ڪرڻ جي اجازت ڏيو

 ذريعن موجب خواجا حارث جي ڌار ٿيڻ بعد هاڻي سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ لطيف کوسا ۽ ٻيا وڪيل پي ٽي آءِ چيئرمين جي نمائندگي ڪندا

هي به پڙهندا

ثاقب نثار سوڌو 5 جج مونکي جيل موڪلڻ ۾ رڌل هئا: نواز شريف