لاڙڪاڻو/ڏوڪري (نمائندن وٽان) وڪيل عبدالستار هليو جي نياڻي جي ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيا، لاڙڪاڻي ۽ ڏوڪري ۾ مظاهرا ڪيا ويا، تفصيل موجب، لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي جوائنٽ ايڪشن لائيرس فورم طرفان ايڊووڪيٽ رفيق احمد ابڙو، ايڊووڪيٽ عقيل احمد ڀٽو، ساجد حسين مھيسر، ايڊووڪيٽ بهادر شاهاڻي، ڪامريڊ رئوف ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڪيل عبدالستار هليو جي 19 ورهين جي نياڻي امر سنڌو هليو جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مظاهرو ڪيو ويو، هوڏانهن ڏوڪري ۾ هليا برادري ۽ سول سوسائٽي پاران بلاول هليو، نعمت ﷲ هليو، نور حسين خاصخيلي، عبدالستار، مهراڻ هليو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته نياڻي امر سنڌو جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو، وينٽيليٽر فراهم نه ڪيو ويو ۽ هوءَ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، واقعي جي ايف آءِ آر چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ سميت ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان داخل آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير سميت انتظاميه کان گهر ڪئي ته امر سنڌو واري ايف آءِ آر ۾ نامزد ڊاڪٽرن ۽ عملي کي گرفتار ڪري چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.