حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سنڌ بار ڪائونسل پاران انرولمينٽ في ۾ واڌ خلاف قرارداد  پاس ڪندي سنڌ بار ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته فين ۾ نظرثاني ڪئي وڃي. ڪجهه ڏينهن کان هاءِ ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ سميت ماتحت عدالتن ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان وڪيلن پاران فين ۾ واڌ خلاف مختلف طريقن سان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو پئي ويو جنهن کي نظر ۾ رکندي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر غلام الله چانگ ۽ جنرل سيڪريٽري الطاف سچل اعواڻ پاران مئنيجنگ ڪميٽي جي گڏيل سهڪار سان هڪ قرارداد پاس ڪئي وئي آهي. پاس ڪيل قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته وڌايل فين ۾ نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئن نوجوان وڪيلن کي اڳتي اچڻ جا موقعا فراهم ٿي سگهن.