وڏي وزير جي هيليڪاپٽر جو سال ۾ 2 ڪروڙ52 لک رپين کان وڌيڪ پيٽرول جو خرچ

0
1045
وڏي وزير جي هيليڪاپٽر جو

ڪراچي(رپورٽ: شاھد ميراڻي) سنڌ حڪومت جي جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جا گذريل مالي سال 2019_20ع ۾ شاهي خرچ، وڏي وزير جي هيليڪاپٽر جو هڪ سال ۾ 2 ڪروڙ 52 لک رپين کان وڌيڪ پيٽرول جو خرچ ظاهرڪيو ويو آهي، هڪ کاتي جي ڪامورن روزمره جي مختلف خرچن جي مد ۾ مجموعي طور تي 5 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ڪري ڇڏي، سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ عملدرآمد واري کاتي جي ڪامورن پاران سرڪاري گاڏين ۾ هڪ سال اندر 78 لک رپين جو پيٽرول استعمال ڪيو ويو، وفاق کان فنڊ نه ملڻ جون شڪايتون ڪندڙ سنڌ حڪومت جي رڳو هڪ کاتي ۾ ڪامورن پاران کليل خرچ ڪيو ويو، ڪامورن جي پرڏيهه ٽريننگ جي مد ۾ 6 ڪروڙ 25 لک رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي وئي،: ڪامورن کي پئٽرول جي مد ۾ هڪ سال دوران 78 لک 93 هزار رپين جي ادائگي ظاهر ڪئي وئي آهي، 22 لک 52 هزار رپين جو سال ۾ فرنيچر خريد، ڪامورن جي ٽريننگ ڪورس جي مد ۾ 95 لک رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ڪري ڇڏي، رڳو اسٽيشنري به 68 لک 29 هزار 84 رپين جي استعمال ڏيکاري وئي، او پي ايس تي پابندي باوجود کاتي ۾ سينيئر پوسٽ الائونس تي 2 لک 55 هزار رپيا ۽ ڊيپوٽيشن تي پابندي باوجود ڊيپوٽيشن الائونس جي مد ۾ هڪ لک 30 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا.
سفري الائونس طور ڪامورن تي 36 لک 60 هزار رپيا، ٽيليفون استعمال ڪرڻ جي مد ۾ 45 لک رپيا، پوسٽ ۽ ٽيليگراف جي مد ۾ هڪ لک 20 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا، پرنٽنگ ۽ پبليڪيشن جي مد ۾ 40 لک 47 هزار رپيا، واشنگ الائونس جي مد ۾ هڪ لک 26 هزار رپيا خرچ ڏيکاريو ويو، ڪورونا صورتحال سبب انٽرٽينمينٽ جو سڄو سال پروگرام نه ٿيڻ باوجود انٽرٽينمينٽ الائونس جي مد ۾ به هڪ لک 84 هزار رپيا خرچ طور ظاهر ڪيو ويو آهي، کاتي جي ڪامورن کي اسپيشل سفري الائونس جي مد ۾ 3 لک 85 هزار رپيا ادا ڪيل ڏيکاريا ويا، هڪ سال ۾ 5 لک 47 هزار رپين جون رڳو اخبارون خريد ٿيل ڏيکاريون ويون، روزمره جي خرچن جي مد ۾ 3 الڳ الڳ حصن ۾ خرچ ظاهر ڪيا ويا، مختلف خرچن جي مد ۾ هڪ حصي مان ڪيل خرچ 2 ڪروڙ 92 لک 72 هزار رپيا خرچ، مختلف خرچن جي مد ۾ ٻئي حصي مان ڪيل خرچ 2 ڪروڙ 26 لک رپيا ۽ ٽئين حصي مان ڪيل خرچ 60 لک رپيا خرچ ڪئي وئي جيڪا رقم مجموعي طور تي 5 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ٿئي ٿي، سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ عملدرآمد کاتي جي ڪامورن هڪ سال ۾ 29 لک 88 هزار رپين جي ماني کاڌي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪيورٽي جي نالي تي 34 لک رپين جي ڳوڙها آڻيندڙ گيس خريد ڪيل ڏيکاري وئي آئي.