اسلام آباد: نواز شريف جي خاص جهاز ۾ جيڪا صورتحال رهي ان بابت بنگلاديشي ايئرهوسٽس خوشي سان گڏ ڏک جو به اظهار ڪيو، لاهور ۾ جهاز جي لينڊنگ بعد بنگلاديشي ايئر هوسٽس محمد انس کان پڇيو ويو ته اوهان کي اهڙي اميد هئي؟ جنهن تي هن چيو ته ايئرلائن چيو هو ته اوهان کي اردو اچي ٿي اوهان جهاز ۾ وڃو، هن چيو ته مون ڪڏهن به اهڙو نه سوچيو هو، اهو سڀ ڪجهه پهريون ڀيرو ٿيو، پهريون ڀيرو اهڙي جهاز ۾ سفر ڪيو ۽ منهنجي خواهش آهي ته اهڙي منهنجي آخري فلائيٽ هجي. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته وڏي شخصيت سان ملڻ جو موقعو مليو.