حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي آمريڪا  جو نجي دورو مڪمل ڪري سنڌ پهچي ويو. گذريل رات دير سان ڪراچي ايئرپورٽ تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ پهچي سندس استقبال ڪيو. ڪارڪنن سان ڳالهائيندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته موجوده حڪمرانن کي عوام جي مسئلن، تڪليفن ۽ اهنجن سان ڪو مطلب نه آهي. انهن جو مقصد صرف ڪرپشن ڪري پنهنجون ذاتي ٽجوڙيون ڀرڻ آهي. پيش ڪيل وفاقي توڙي صوبائي بجيٽن ۾ عوام جي ڀلائي جو ڪو پروگرام ناهي. ٽيڪسن جو بار عوام مٿان ڪيرائي سندن روز  مرہ جي زندگي اڃا مشڪل بڻائي پئي وڃي. سنڌ ۾ هڪ طرف بي روزگاري، بدحالي ۽ مھانگائي عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي مٿان وري سنڌ جو امن امان مڪمل طور تباھ آهي. هن چيو ته سنڌ جا جاگيردار وڏيرا ۽ سردار سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ قبيلائي تڪرارن ۾ سڌي طرح ملوث ۽ سرپرست آهن. سنڌ جي سمورين تڪليفن ۽ مصيبتن جو سبب جاگيردار، وڏيرا ۽ سردار آهن. سنڌ جي عوام کي سجاڳ ٿي انهن خلاف سياسي جدوجھد ڪرڻي پوندي.